اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن چيو آهي ته بشرا بي بي جي ڪمري ۽ واش روم ۾ ڪئميرائون لڳايون ويون آهن.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي رئوف حسن چيو ته لڳل ڪيمرائون فوري طور هٽايون وڃن.
هن چيو ته رياست زوال پذير آهي، عدالتي معاملن کي نئين انداز ۾ تباهه ڪيو پيو وڃي. رئوف حسن جو چوڻ آهي ته جج اڄ چيو هو ته جيڪڏهن رضوان عباسي نه آيو ته فيصلو ٻڌائينداسين رضوان عباسي دليل ڏيندي فرار ٿي ويو. پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته عدالت ان ڪيس ۾ 24 اپريل جو وقت ڏنو آهي.