ڪوئيٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي صوبائي ڪابينا جي قيام ۾ ڏيڍ مهيني کان وڌيڪ دير جو شڪار آهي، ذريعن موجب پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ بلوچستان جي صوبائي حڪومت ۾ وزارتن بابت ڪو به فيصلو نه ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حڪمران پارٽين ۾ شامل ٿيندڙ آزاد اميدوار به وزارتن جو مطالبو ڪري رهيا آهن.وڏي وزير سرفراز بگٽي عيد جي موڪلن کانپوءِ پهرين ڏينهن ئي ڪابينا جوڙڻ جو اعلان ڪيو هو.