ماهرن هلڪو پرنٽ ايبل سولر پينل تيار ڪري ورتو

ڪينبرا(ويب ڊيسڪ) ماهرن گهٽ وزن جو اهڙو سولر پينل تيار ڪيو آهي جنهن کي پرنٽ به ڪري سگهجي ٿو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ماهرن هلڪو سولر پينل تيار ڪرڻ جي تجربي ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي. هنن سنهڙي ۽ لچڪ واري سولر سيلز کي پرنٽ ڪرڻ جي تڪنيڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جن کي عمارتن، گاڏين، ڪپڙن ۽ ويئر ايپل اڊيوائسز استعمال ڪري ماحول دوست توانائي جو حصول سولو هوندو. ان جي هڪ تصوير پڻ جاري ڪئي وئي آهي جيڪو ڏسڻ ۾ ڪافي مختلف نظر اچي ٿو ۽ ڪيمرا نيگيٽو جهڙو محسوس ٿيندو آهي.

ماهرن ٻڌايو ته هو اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته سولر پينل جي فائدي کي متاثر ٿيڻ کانسواءِ ان کي وڏي پيماني تي تيار ڪجي. هنن تجربو ڪندي پرنٽ ڪيو ته ان جي توانائي 11 سيڪڙو رهي.

هنن ٻڌايو ته هنن اهڙو سسٽم تيار ڪيو آهي جيڪو 10 هزار سولر سيلز روزانو تيار ڪرڻ ۽ ان کي جاچڻ جي صلاحيت رکندا آهن. پرنٽنگ جو عمل perovskite نالي ڪرسٽل جهڙي ميٽيريل سان ممڪن ٿيو جيڪو سج جي توانائي جمع ڪندو آهي. هنن چيو ته پرنٽنگ سيلز سستا هوندا ۽ سيليڪون سيلز کان وڌيڪ توانائي فراهم ڪندا.

ماهرن جي ٽيم سون ۽ ٻين مهانگي مٽيريلز کي سستي ڪاربن جي انڪ ۾ تبديل ڪيو. پرنٽ ايپل سولر سيلز سج جي توانائي حاصل ڪرڻ جو جديد طريقو آهي ۽ ماهرن موجب ان سان بجلي جي بلن ۾ بچت ٿيندي. هاڻي ان ٽيڪنالوجي کي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.