زال ۽ 7 ٻارن کي قتل ڪندڙ وحشي صفت جوابدار گرفتار، جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا

مظفر ڳڙهه( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه جي تعلقي علي پور ۾ تيز ڌار اوزار سان زال ۽ ستن ٻارن کي قتل ڪندڙ وحشي صفت جوابدار کي پوليس اوزار سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.
پنجاب جي شهر مظفر ڳڙهه جي تعلقي علي پور ۾عيد جي ٻئي ڏينهن مڙس سجاد زال ۽ 7 ٻارن کي تيز ڌار اوزار سان ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو هو.
پوليس موجب، جوابدار سجاد گهرو اڻبڻت تان زال ۽ ٻارن کي قتل ڪيو.
پاڙي وارن موجب، جوابدار سجاد بيروزگار هو گهر ۾ اڪثر جهيڙو رهندو هو. گذريل ڏينهن جهيڙو ايترو وڌي ويو جو جوابدار پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، سجاد درزڪو ڪم ڪندو هو پر سندس گهر واري ۽ هن جي وچ ۾ نااتفاقي هئي، جنهن کان تنگ اچي هُن ايڏو وڏو قدم کنيو.
پوليس موجب مقتول ٻارڙن جون عمرون 6 مهينن کان 8 سالن جي وچ ۾ هيون، واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.