سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ سڀاڻي آنڌاريءَ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، اولهندي هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهين علائقن تي مسلسل اثرانداز آهي، اِحو سسٽم اڄ کان ملڪ کي ڏکڻ ۽ اولهه وارن علائقن ۾ داخل ٿيندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 13 ۽ 14 اپريل تي ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي ٻين شهرين ۾ انڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، سنڌ جي مختلف علائقن۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي اتر ۽ اوڀر بلوچستان ۾ اولهندي هوائن جو سلسلو اثرنداز ٿيڻ شروٿ ٿي ويو آهي.
هوڏانهن لاهور سميت پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.