ٽي ملڪي سيريز ۽ چيمپيئنز ٽرافي سبب پاڪستان جي نيوزيلينڊ دوري ۾ تبديلي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سال نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ وچ ۾ پاڪستان جي نيوزيلينڊ دوري ۾ تبديلي جي حوالي سان ڳالهيون جاري آهن.
ٻنهي بورڊن گڏيل راضپي سان پاڪستان ٽيم جو نيوزيلينڊ دورو ايندڙ سال جي شروعات ۾ رکيو آهي.
ذريعن موجب ٻنهي بورڊن ۾ وائيٽ بال سيريز لاءِ ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ڇو ته فيوچر ٽور پروگرام موجب نيوزيلينڊ کي ايندڙ سال جي شروعات ۾ پاڪستان جي ميزباني ڪرڻي آهي، پر چيمپيئنز ٽرافي کان اڳ جنوري ۽ فيبروري ۾ پي سي بي کي ٽي ملڪي سيريز ڪرائڻي آهي.
ٽي ملڪي سيريز سبب هاڻ پاڪستان ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ نيوزيلينڊ جو دورو ڪندي.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ تصديق ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ معاملا طئي ٿي ويندا.
پاڪستان جي نيوزيلينڊ دوري ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون شامل آهن، جڏهن ته ٽي ملڪي سيريز لاءِ ٻنهي ٽيمن نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريقا تصديق ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.