منڊي بهاوالدين (ويب ڊيسڪ) منڊي بهاوالدين جي علائقي ملڪوال ۾ عيد تي پارڪ گهمڻ ويل شهرين تي ماکي جي مکين حملو ڪري ڏنو.
ريسڪيو اختيارين موجب نواز شريف پارڪ ۾ ماکي جي مکين جي حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا، پڪنڪ تي آيل ٻارن شرارت ڪئي، جنهن تي مکين حملو ڪيو.
اختيارين ٻڌايو ته زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
ميونسپل ڪميٽي موجب نواز شريف پارڪ کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي ۽ اسپري ڪرائڻ کانپوءِ عوام لاءِ ٻيهر کوليو ويندو.
Next Post
You might also like