واٽس ايپ ۾ وڏي تبديلي

ميٽا طرفان مارچ 2024 ۾ اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ جي ڊيزائن کي گهڻي حد تائين تبديل ڪيو ويو هو، هاڻ اهو واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ به ڪيو پيو وڃي.
واٽس ايپ ويب ورزن لاءِ نئون يوزر انٽرفيس متعارف ڪرايو پيو وڃي، ان تبديلي سان ويب ورزن ۾ واٽس ايپ جي ڊيزائن گهڻي حد تائين تبديل ٿي ويندي يا ائين چئجي ته اهو بلڪل نئون محسوس ٿيندو.
ان نئين ڊيزائن ۾ مٿي موجود چيٽس، ڪميونٽيز، اسٽيٽس ۽ ٻيا سمورا ٽيب پاسي تي منتقل ٿي ويندا، اهو نئون ويب ورزن هاڻ بيٽا واهپيدارن کي دستياب آهي.
ويب ورزن جي ان فيچر تي گهڻي عرصي کان ڪم جاري هو ۽ هاڻ وڃي ان کي بيٽا واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڇو ته اڃا يوزر انٽرفيس جي آزمائش بيٽا ورزن ۾ ڪئي پئي وڃي، تنهن ڪري سڀني واهپيدارن لاءِ اهو متعارف ڪرائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.