اڄ عيدالفطر آهي سڀني مومنن ۽ مسلمان ڀائرن سميت هر مذهب جي هر ان غريب توڙي امير کي عيد جون لک لک مبارڪون هجن جيڪي پاڙي ۾ رهن ٿا۔هي عيد هرسال يارهن مهينن کانپوءِ ماه رمضان جي اختتام تي پهرين شوال تي ملهائبي آ جنهن کي عام ماڻهو روزن واري عيد ڪري سڏين پر جيئن ته هن عيد تي ضرورتمندن کي فطرا ڏبا آهن تنهن ڪري اسلامي لحاظ کان عيدالفطر ڪري سڏيو ويندو آهي الحمد لله۔ پر اوائلي دور جا ماڻهو خاص ڪري ڳوٺن جا ماڻهو سيئن وساري عيد ڪوٺيندا هئا جو گهر گهر ۾ وڏڙيون ڪڻڪ جي اٽي کي ڳوهي لوهي مشين تي سيئون تيار ڪنديون جيڪي پاڻي ۾ اٻاري يا گيهه ۾ ڀڃي ڪري تيار ڪنديون هيون جيڪي کائبيون ۽ گهر گهر عيد ڪري موڪلينديون هيون۔هي رواج ڳوٺن ۾ هن وقت به هلي ٿو۔
عيد معني خوشي جيڪا ڪنهن خوشي جي حوالي سان ملهائجي ۽ ان ڏهاڙي جي ملهائڻ لاءِ مذهب دين اسلام ڏس ڏنو هجي ته خوشي وارو ڏهاڙو ملهايو پر تاڪيد ۽ تلقين ڪري ٿو ته خوشي جي هن موقعي تي صرف گهر ڀاتي نه پر هر غريب مٽ مائٽ عزيز دوست بيوس کي خوشين ۾ شريڪ ڪريون جيڪي خوشي ملهائڻ جهڙا ناهن۔لازمي ناهي ته فطرا عيد ڏهاڙي ڏجن پر ان کان اڳ به ڏئي سگهجن ٿا جن کي پيسن جي ضرورت هجي فطرن سان گڏ زڪوات به اڳواٽ ڪڍي ضرورمندن کي وقت سر ڏجي جيئن اهي اوهان جي خوشين ۾ برابر جا شريڪ رهن ۽ انهن جي ڀاڪر کي عبادت سمجهي ڀاڪر جو جواب ڀاڪر سان ڏجي۔عيد نماز پڙهي پنهنجي بزرگن ۽ وڏڙن جي قبرن تي وڃي گل پاشي ڪرڻ دعا گهرڻ به سنت آهي۔
اوائلي دور ۽ موجوده دور جي عيدن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي جڏهن ننڍا وڏا عيد نماز پڙهي پهريان ڀينرن ماسين چاچين ۽ وڏڙن سان عيد ملڻ ڀينرن کي عيد ڏيڻ لاءِ پهچندا هئا اتي ماني يا سين جي تيار ڊش کائيندا هئا ۽ هڪٻئي جي گهر عيد موڪليندا هئا هاڻ اهو رواج گهٽجي چڪو آهي جنهن رواج سان خاندانن دوستن ۽ پاڙيوارن وچ ۾ رابطا ۽ محبتون وڌنديون هيون هاڻ اهڙن رابطن روين کي بوجهه سمجهي ملڻ جلڻ کان ڪناره ڪشي ڪئي پئي وڃي۔اوائلي دور ۾ شهرن ۽ پاڙن ۾ ثقافتي ڪٺ ميلا ملاکڙا ۽ راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون هيون جيڪي هن وقت اهي اوطاقون ئي ۽ اهي ماڻهو موچارا هليا ويا جيڪي عيد ڏهاڙي محفلون مچايندا هئا جتي دسترخوان کاڌن سان ڀريا پيا هوندا۔عيد ملڻ لاءِ وڏيرن سردارن اسيمبلي ميمبرن جي اوطاقن تي عيد ملندڙن جي رش رهندي هئي هاڻ گهڻو ڪري ته تالا لڳل هوندا چيو ويندو ته رئيس پي ايم يا سي ايم گورنر يا وزير صاحبن سان عيد ملڻ ويو آهي ڪجهه ڏينهن انتظار ڪريو جيڪڏهن اڙيو ٿڙيو ملي به ويو ته ڪوشش ڪري مهرباني بابا جهڙا الفاظ ڳالهائي ٿڪ ڀڃڻ جو بهانو بڻائي پونئين در کان گهر هليو ويندو۔
جڏهن کان بينظير انڪم سپورٽ اسڪيم منظر عام تي آئي آهي تڏهن کان زڪوات ڏيڻ وارو سلسلو جهڙوڪ بند آهي نه لسٽون ٺهن ٿيون نه وري مستحڪين کي ڪا ضرورت وقت زڪوات جنهنڪري پنڻ جو رواج زور وٺي چڪو آهي جڏهن ته سنڌ جي هر ضلعي تعلقي ۾ زڪوات آفيسون چيئرمن ۽ عملو سرگرم عمل ويٺو آهي۔هڪڙن جي بئنڪن مان زڪوات ڪٽجي ٿي ٻيا وري من پسندن کي زڪوات ڏئي فرض پورو ڪيو ڇڏين۔حقيقت اها آهي بئنڪن ۽ سرڪاري ادارن وسيلي هر سال اربين رپيا زڪوات ڪٽجي ٿي ۽ بينظير انڪم سپورٽ جا اربين رپيا گرانٽ الڳ پوء به مستحقين عيد اڙانگي ڪيئن ٿا ملهائين فنڊز ڪيڏانهن ۽ ڪٿي ٿا خرچ ٿين۔عيد جي خوشين ۾ مستحق ويڳاڻو ڇو ٿو رهي جاچ ٿيڻ گهرجي پر جاچ ڪير ڪري۔
بهرحال رب پاڪ عيد جي خوشين ۾ هر ضرورتمند جي روزي ۽ خوشين ۾ برڪت وجهندو ۽ قومي و صوبائي سطحن تي اهي حڪمت عمليون جوڙيون وڃن جنهن سان مستحقين عيد سميت سمورا مذهبي ڏهاڙا ۽ ٻچن جي هر خوشي پوري ريت ملهائي سگهن