سنڌ جي اڄ جي عيد

تحرير: مجيد نواز مغل

اڄ جي وڌندڙ مھانگائي ۽ افرا تفري واري دور ۾ پورھيت طبقي ۽ مڊل ڪلاس جي سفيد پوش سنڌي ماڻھن لاءِ رمضان واري عيد جنھن کي روزن واري عيد پڻ چيو وڃي ٿو ان جو ملھائڻ ڪيترو ڏکيو ٿي پيو آھي ـ ان جو حقيقي اندازو اھي ئي لڳائي سگھن ٿا ـ جيڪي ھن وقت مختلف ۽ حقيقي مسئلن جھڙوڪي بدامني بيروزگاري غربت ۽ موسمياتي تبديلين جھڙين خراب حالتن ۾ گھيريل آھن

اھڙي خطرناڪ ۽ اڻ وڻندڙ صورت حال ۾ رمضان واري مٺي عيد ڦڪي عيد جي حيثيت رکي ٿي ـ چوطرف بيروزگاري ۽ غربت ھجڻ ڪارڻ پورھيت يا مڊل ڪلاس جا ماڻھو ڪئين عيد جون خوشيون ملھاثي سگھندا ـ وڏي انگ ۾ ٻار ۽ عورتون  نوان ڪپڙا مٺايون ۽ کاڌي پيتي جو سامان ڪھڙي ريت خريد ڪري سگھن ٿا ـ ان سڀ مسئلن جو حل ٿيڻ نھايت ضروري آھي پورھيتن ۽ سندن ڪٽنبن کي ٻن ويلن جي ماني جي فراھميء کي يقيني بنائڻ رياست جي اولين ذميواري آھي ـ

رمضان جي اڄوڪي عيد جو فلسفو ئي اھو آھي ته اسان پنھنجن غريب لاچار ۽ گھٽ آمدني رکندڙ ڪٽنبن لاءِ ايترو ڪيون جو اھي ان عيد جون خوشيون چڳي ريت محسوس ڪري سگھن ـ ان لاءِ پنھنجي اردگرد يا پاڙي ۾ رھندڙ پورھيتن ۽ غريب ڪٽنبن جي جيتري ٿي سگھي مدد ڪرڻ گھرجي ـ انھن ڏانھن عيد جي ڏينھن پڪل کاڌا موڪلڻ گھرجن ـ سرندي وارا اھڙن ڪٽنبن جي مالي مدد ڪن ۔  جنھن جي ڪري اڄوڪي عيد جو ڏينھن سڀ ڪنھن لاءِ يادگار بڻجي وڃي ـ ان ۾ قدرتي آفيتن برسات ۽ ٻوڏ سٽيلن جي سھائتا ڪرڻ اسان مٿان فرض آھي ـ اخلاقي طور تي  جيڪو پنھنجي بچن کي بازار مان خريد ڪري ڏيون اھڙو ئي پورھيتن ۽ غريبن جي اولادن لاءِ خريد ڪيون ـ اھا ئي معاشرتي ذميواري آھي ۽ اڃ جي عيد جو اصل فلسفو آھي ـ

رمضان جا روزا صبر بردباري ۽ پيار جو درس ڏين ٿا ـ ھڪ روزيدار پنھنجي جسم جي ھر حصي جو روزو رکي ثابت ڪري ٿو ته صبر جو فروٽ مٺو ٿئي ٿو ـ اھڙي ريت ٻين جي حقيقي بک بدحالي ۽ غربت کي سامھون رکندي سندن صبر جي فلسفي کي عملي ريت سمجھي ۽ پروڙي سگھي ٿو ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.