گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) اوڌر سگريٽ گهرڻ تي دڪاندار گراهڪ کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻيو فرار ٿي ويو.
گوجرانوالا ۾ اوڌر سگريٽ گهرڻ تي دڪاندار ۽ گراهڪ ۾ جهيڙو ٿي پيو، دڪاندار شهباز ۽ سندس ساٿي اساما گراهڪ کي تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب گراهڪ عدنان کي اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو، واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار کي قلعي ديدار سنگهه مان گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيو فرار آهي، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
You might also like