لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ جو اعلان رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي.
ذريعن موجب، قومي سليڪٽرز پريس ڪانفرنس ۾ قومي اسڪواڊ جي 18 نالن جو اعلان ڪندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپتان بابر اعظم عثمان خان، عماد وسيم، محمد عامر ۽ عرفان نيازي قومي اسڪواڊ جو حصو هوندا،
ان کانسواءِ صائم ايوب، محمد رضوان، شاداب خان، افتخار احمد به اسڪواڊ ۾ شامل هوندا، جڏهن ته اعظم خان، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ زمان خان به اسڪواڊ جو حصو هوندا، ابرار احمد ۽ اساما مير مان هڪ رانديگر به اسڪواڊ جو حصو هوندو.
فاسٽ بالر حارث رئوف انجري سبب اسڪواڊ جو حصو نه هوندو، جڏهن ته آغا سلمان، صاحبزادا فرحان، فخر زمان، وسيم جونيئر ۽ عباس آفريدي کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيوزيلينڊ خلاف ٽيم مئنيجمينٽ جو اعلان به هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪرڻ جو امڪان آهي، ٽيم مئنيجمينٽ جي پرڏيهي هيڊ ڪوچز جو اعلان 15 اپريل کانپوءِ ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، اسسٽنٽ ڪوچز جو اعلان 20 اپريل کان پوءِ ڪيو ويندو، نيوزيلينڊ سيريز ۾ مقامي ڪوچز جون خدمتون ورتيون وينديون.
قومي ٽي 20 اسڪواڊ جا رانديگر 14 اپريل تي اسلام آباد پهچندا، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي 20 ميچ 18 اپريل تي پنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.