غزا جنگبندي بابت ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي

قاهرا ( ويب ڊيسڪ )قاهرا ۾ مصر ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ته حماس ۽ اسرائيل مصر جي گادي واري هنڌ قاهرا ۾ غزا ۾ جنگبندي جي حوالي سان بنيادي ۽ تڪراري نقطن تي اتفاق ڪيو.
اتفاق ڪيل مکيه نقطن جا تفصيل ظاهر ناهن ڪيا ويا .
معاهدي جي بنيادي نقطن تي اتفاق بعد قطر ۽ حماس جا وفد واپس روانا ٿي ويا آهن، اميد آهي ته معاهدي جي شرطن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ ٻن ڏينهن اندر وفد واپس اچي ويندو.
جڏهن ته آمريڪي ۽ اسرائيلي وفد ڪجهه ڪلاڪن بعد روانا ٿيندا ۽ ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ مشاورت جاري رهڻ جو امڪان آهي.
اسرائيل ۽ حماس آچر تي تصديق ڪئي ته آهي ته 6 مهينن جي جنگ ۾ ممڪن جنگبندي تي ڳالهين جي نئين دور لاءِ مصر ڏانهن نمائندا موڪليا آهن، جڏهن ته آمريڪي سي آءِ اي ڊائريڪٽر وليم برنز ڇنڇر کان مصر ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.