اسلام آباد/لاهور(عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جي باني عمران خان بابت ڇنڇر ڏينهن ٻه وڏيون دعوائون سامهون آيون آهن. هڪ طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر گوهر ۽ ڪجهه صحافين هن مهيني يعني اپريل ۾ سندس آزاد ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو ته ٻئي طرف عمران خان جي تازي بيان کانپوءِ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اين آر او نه ڏنو ويندو. ڇنڇر ڏينهن عمران خان سان پارٽي اڳواڻن ملاقات ڪئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل ۾ صحافين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي.ان ڳالهه ٻولهه جي شروعاتي رپورٽن ۾ اهو تاثر ڏنو ويو آهي ته عمران خان ڳالهين لاءِ تيار آهي. عمران خان چيو ته جيڪڏهن مان جنرل باجوا سان ٻه ڀيرا حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ باوجود ملاقات ڪري سگهان ٿو ته پوءِ ڪنهن سان به ملاقات ڪري سگهان ٿو.جڏهن اهي ٽڪر ٽي وي اسڪرينن تي هلي رهيا هئا ته ان وقت صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته عمران خان کي اپريل ۾ آزاد ڪيو ويندو.ان کانپوءِ ڪجهه وقت بعد هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ صحافي اعزاز سيد به عمران خان جي اپريل يا مئي ۾ آزاد ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو. اعزاز سيد اهو به چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي پهرين گرفتاري کانپوءِ آزاد ڪيو ويو ۽ پوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هن ريڊ لائين ڪراس ڪئي. اعزاز سيد ڀٽو جي ڦاهي جو حوالو پڻ ڏنو.ساڳئي پروگرام ۾ سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته عمران خان جي واپسي جو سفر شروع ٿي ويو آهي.پر جڏهن عمران خان جي آزادي جي حوالي سان اهي ڳالهيون هلي رهيون هيون ته صحافين سان سندس گفتگو جا وڌيڪ تفصيل سامهون آيا، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي باني آرمي چيف جو نالو وٺي مٿس سخت تنقيد ڪئي.ٻئي طرف اسلام آباد مان خبر پئي ته 9 مئي جي واقعن ۾ گرفتار جوابدارن جي آزادي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ جي ايڇ ڪيو حملي جي هڪ جوابدار کي فوجي عدالت مان آزاد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته انهن سمورين خبرن جي پڄاڻي تي رات 10 وڳي صحافي ڪامران شاهد جو چوڻ هو ته لاڳاپيل ذريعن جو چوڻ آهي ته نه ته پي ٽي آءِ جي قيادت کي ڪو اين آر او ڏنو پيو وڃي ۽ نه ئي اسٽيبلشمينٽ کي ننڍين ننڍين ڳالهين تي ڪا ڳڻتي آهي، ڪامران شاهد اهو به چيو ته 9 مئي سانحي جي عدالتي ڪارروائي مڪمل ڪئي ويندي ۽ اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته 9 مئي جو سمجهوتو قومي سلامتي تي سمجهوتو ڪرڻ جي برابر هوندو ڇو ته اهو ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.بعد ۾ ڪجهه اهڙن خيالن جو اظهار مارخور نالي هڪ ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ڪيو. بي بي سي اردو سان ڳالهائيندي سياسي تجزيه نگار نصرت جاويد چيو ته گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني پاران ڏنل بيان کانپوءِ جنهن ۾ هن آرمي چيف جو نالو وٺي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو هو، ان کانپوءِ اهو معاملو ايترو پيچيده ٿي ويو آهي ته هڪ طرف فوج سان مفاهمت جون خبرون اچي رهيون آهن ته ٻئي طرف عمران خان جي آرمي چيف تي تنقيد سمجھ کان ٻاهر آهي. عمران خان جي آزاديءَ جي حوالي سان اهڙين دعوائن کان ڪجهه ڏينهن اڳ خيبرپختونخواهه ڪابينا جي ميمبرن ڪور ڪمانڊر هائوس پشاور ۾ افطار ۾ شرڪت ڪئي، جنهن تي اي اين پي دعويٰ ڪئي ته ڪابينا جو اجلاس ڪمانڊر هائوس ۾ افطار ڪيو ويو. جڏهن ته خيبرپختونخواهه حڪومت ان تي واضح ڪري ڇڏيو. ان افطار سبب پي ٽي آءِ سان معاملا طئي ٿيڻ جون خبرون به پکڙجي ويون،پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان اسان جو ڪو به جهيڙو ناهي، اسٽيبلشمينٽ سميت سڀني سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون، تجزئي نگار سلمان غني چيو ته عمران خان هڪ پاسي آرمي چيف کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو ته ٻئي پاسي ڪي پي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڪور ڪمانڊر پشاور هائوس ۾ افطار ڊنر ۾ وڃي ٿو،اعزاز سيد چيو ته عمران خان پاران آرمي چيف تي تنقيد هڪ پاسي پر هو آرمي چيف سان پاڻ ڳالهائڻ چاهي ٿو ۽ کيس يقين ڏيارڻ چاهي ٿو ته هو فوج جي خلاف ناهي، هن چيو ته عمران خان جي آزادي جون ڳالهيون هلي رهيون آهن پر جيڪڏهن هن آزادي کانپوءِ به فوجي قيادت کي لڳاتار تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ريڊلائن ڪراس ڪئي ته اهڙي صورتحال اسان کي ٻڌائي ٿي ٿي ته سياستدانن کي غيرفطري انجام کي منهن ڏيڻو پوندو آهي،صحافي عمران شفقت چيو آهي ته عمران خان جي ڳالهين کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ۾ هلچل مچي وئي، ان جي جواب ۾ هڪ جواب مارڪيٽ ۾ لانچ ڪيو ويو، دفاع ۽ گهرو وزارت جي ويجهو رهندڙ صحافين جي حوالي سان جواب اچي ويو، بيان جاري ڪيو ويو ته عزم آهي ته ڪنهن به اهڙي شخص يا گروهه سان مفاهمت نه ڪئي ويندي جيڪي ٻاهرين طاقتن جي اشاري تي ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙي رهيا آهن،9 مئي سانحي جي منصوبا سازن، انهن جي حوصله افزائي ڪندڙن ۽ ان کي عملي جامو پارائيندڙن سان ڪا به مفاهمت نه ڪئي ويندي،اهو حملو ڪندڙ عوام آڏو اچي معافي وٺن،جن فسادي ماڻهن هن ملڪ ۾ نفرت جا ٻج پوکيا آهن، انهن سان مفاهمت بلڪل نه ڪئي ويندي،جيڪي ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويهي لابنگ ذريعي ملڪ کي سياسي ۽معاشي نقصان پهچائي رهيا آهن انهن سان به ڪا مفاهمت نه ڪئي ويندي،هن چيو ته رياست عمران خان کي اين آر او ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، 9 مئي ڪيس جو پهريون قيدي ادريس آزاد ٿي ويو آهي، صحافي معظم فخر به چيو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۾ ڊيل جي خبرن کي رد ڪيو ويو آهي. تجزيه نگارن سگهارين ڌرين ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته عمران خان سان ڪا ڊيل ڪئي پئي وڃي. هنن واضح پيغام ڏنو آهي ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ڌرين ۽ پرڏيهه جي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙن کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي، ان ڏس ۾ ايندڙ رپورٽون صحيح ناهن. ٻئي طرف مارخور جي نالي سان هلندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي به سگهارين ڌرين جي اهڙي پيغام جي تصديق ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ لطيف کوسي چيو آهي ته عمران خان اپريل ۾ ئي آزاد ٿي ويندو، عمران خان ڊيل نه پيو ڪري هو انتقام جي سياست ۾ يقين نٿو رکي،هو آئين جي بالادستي چاهي ٿو، زنجيرن ۾ جڪڙيل عدليه جي آزادي چاهي ٿو، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي عدليه ۾ مداخلت آهي، عمران خان کي ٽن ڪيسن ۾ تڪڙ ۾ سزائون ڏنيون ويون، اپريل ۾ اهي سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا، ان ۾ احسان يا ڊيل واري ڳالهه ڪم ظرفي هوندي.