پريا ڪماري آزادي نه ٿي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ريليون، ڌرڻا

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سکر جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي سڏ تي نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي حسين سومرو، سرور سنڌي، ستار عمراڻي، منور عالماڻي، جاويد ڀرٽ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زينت عالماڻي، سنڌ سڀيتا، فهميده سومرو، صنوبر ۽ سنڌيا راڄپر ڪري رهيون هيون، سيتا سرجڻهار فورم پاران 22 مهينا اڳ اغوا ٿيل سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي  آزادي لاءِ شروع ڪيل جدوجهد کي 12 ڏينهن ٿي ويا، فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي  آزادي لاءِ قومپرست عوامي اتحاد طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، عيدالفطر کانپوءِ مرحليوار احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ قومپرست عوامي اتحاد طرفان سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪاري جي بازيابي لاءِ احتجاجي جلوس ڪڍي پيادل مارچ ڪري ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، احتجاجي مظاهري کي قومپرست عوامي اتحاد جي جاويد هاليپوٽو ، صوفي حامد ، ذوالفقار پپو ڀرڳڙي ، سليم هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو، چيٽي چنڊ تي لڳندڙ پير پٿورو جي ميلي ۾ شرڪت لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پيرين پنڌ ياترين جا قافلا روانا، ڪنري ۾ ياترين لاءِ ڪئمپ قائم، مٺي کان نڪتل قافلي پاران ڪنري ۾ پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، پٿورو شھر ۾ هر سال لڳندڙ هندو برادري جي مرشد پير پٿورو جي چيٽي چنڊ جي ميلي جون تياريون تيز ٿي ويون آھن، ميلي ۾ شرڪت لاءِ ٿر ۽ عمرڪوٽ ضلعي سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارين ياتري قافلن جي صورت ۾ پيرين پنڌ نڪري پيا، ميمڻ ڪنري جي شري ري هرام آشرم تي سماجي اڳواڻ اشوڪ ڪمار پاران ياترين لاءِ ڪئمپ لڳائي وئي، ڪئمپ تي پيرين پنڌ نڪتل ياترين جي سيوا ۽ سندس ڀرپور آجيان ڪئي پئي وڃي، پيرين پنڌ نڪتل ياترا هٿن ۾ جھنڊا ۽ پينافليڪس کڻي زوردار نعره ۽ جھمريون ھڻندي نظر اچي رهيا آھن، عقيدتمندن ڪنري جي مک آمريڪن چوڪ تي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاھرو ڪندي ڌرڻو ھنيو، ياترين چيو ته ٻن ڏينھن کان مٺي کان پيادل نڪتل آھيون، اسان جو پيادل قافلو پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ دعاڳو آهي، لاڙڪاڻي ۾ ڌرتي ڌڻي تحريڪ طرفان مرڪزي سڏ تي سکر جي سنگرار شهر مان ٻه سال اڳ اغوا ٿيل ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ساحل مشوري، نديم ڏاهاڻي، نظر محمد مغيري، ابرار جماڻي، لطيف جتوئي، ايس ٽي پي جي اڳواڻ ڪامريڊ نصير ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ قائد عوام پريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڌرتي ڌڻي تحريڪ چيئرمين  قادرچانڊيو جي سڏ تي پريا ڪماري جي آزادي لا# ڪنڊيارو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، تعلقي صدر نعيم بلوچ سينيئر نائب صدر عابد خچي  جنرل سيڪريٽري پرور منگريو ۽ املاق منگريو جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته پريا ڪماري جي اغوا کي اڍائي سال ٿي ويا آھن پر اڃا تائين انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آھي، ڇاڪاڻ ته پريا ڪماري جي اغوا ۾ حڪومت ۾ شامل بااثر ماڻھو شامل آھن جن خلاف پوليس جاچ ڪرڻ لاءِ تيار ناھي جنھن ڪري معصوم پريا ڪماري اڃا تائين ڪوٽ ۾ قيد آھي جڏھن ته اقليتي برادري ۽ پريا جي وارثن کي ھيسايو ويو آھي جنھن ڪري ھو حقيقت ظاھر نه ٿا ڪن، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جو فرض آھي پر سنڌ ۾ ڪنھن جي به جان ۽ مال محفوظ ناھي ۽ روز ماڻھو اغوا ٿي رھيا آھن سنڌ ۾ اغوا، ڦرون، ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.