ميڪڊولڊز کي بائيڪاٽ سان ڳاٽي ٽوڙ نقصان

مسلمانن جي بائيڪاٽ دنيا جي مشھور ڪمپني ميڪڊولڊز کي ڳاٽي ٽوڙ نقصان ڏئي ڇڏيو آھي.جنھن ڪري ھاڻي اسرائيل ۾ پنھنجي فرنچائز کان ريسٽورنٽس واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي.مشهور فاسٽ فوڊ چين ميڪڊونلڊز کي بائيڪاٽ بعد سبب وڏو مالي نقصان پھتو آھي. اھو بائيڪاٽ اسرائيل ۽ حماس  جنگ دوران اسرائيل ۾ واقع ميڪ ڊونلڊز جي مقامي ڪمپني پاران  اسرائيلي فوجين ۾ مفت کاڌو ورهائڻ جي ردعمل ۾ شروع ٿيو ھو.جنھن بعد ھاڻي ڪمپني فيصلو ڪيو آھي تھ اھا اسرائيل ۾ موجود سموريون ريسٽورينٽس واپس پنھنجي تحويل ۾ ڪندي.ڪمپني چيو آهي ته اسرائيل ۾ ميڪڊونلڊز جي فرنچائيز رکندڙ ڪمپني  الونيال وٽ اسرائيل ۾ 225 ريسٽورنٽ آھن،جن کي ڪمپني واپس خريد ڪرڻ لاءِ معاهدو ڪيو آهي. اٽڪل پنج هزار ماڻهو انهن ريسٽورنٽ ۾ ڪم ڪن ٿا. الونيال طرفان اسرائيلي فوجين کي مفت کاڌو کارائڻ بعد ميڪڊونلڊز تي تنقيد شروع ٿي ھئي. جنهن کانپوءِ آڪٽوبر کان علائقي ۾ ان جو ڪاروبار متاثر ٿيڻ لڳو ھو.

ميڪڊونلڊز خميس تي ٻڌايو تھ  الونيال سان معاهدو دستخط ٿي ويو آهي. اھا ڪمپني گذريل  30 سالن کان اسرائيل ۾ ميڪ ڊونلڊز ريسٽورنٽس هلائي رهي ھئي.ميڪ ڊونلڊز ڊيل ۾ طئي ٿيل شرطن کي پڌرو نھ ڪيو آھي.بھرحال فاسٽ فوڊ چين ايترو ٻڌايو آهي ته ڪمپني اسرائيل ۾ پنهنجو ڪاروبار ختم نه ڪندي.

ياد رهي ته جنوري ۾ مشهور فاسٽ فوڊ چين ميڪڊونلڊز اعتراف ڪيو هو ته اسرائيل ۽ غزا تڪرار جي حوالي سان وچ اوڀر ۽ ٻين ملڪن ۾ بائيڪاٽ مهم جوسندس ڪاروبار تي وڏو اثر پيو آھي.

ست آڪٽوبر تي حماس پاران اسرائيل تي حملي کانپوءِ، ميڪ ڊونلڊز جي ڪارپوريٽ هيڊ ڪوارٽر شروع ۾ ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪئي ھئي. پر ان جي باوجود ڪمپني تڪرار کان بچي نه سگهي.

اهو بائيڪاٽ تڏهن شروع ٿيو جڏهن مسلمان اڪثريتي ملڪن جهڙوڪ ڪويت، ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ مقامي مالڪن ميڪڊونلڊز ۽ اسرائيل جي حمايت کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ھو ۽ سڄي دنيا ۾ ميڪڊونلڊ جي خلاف بائيڪاٽ مهم شروع ٿي. جنهن ۾ وچ اوڀر جا اھم ملڪ به شامل ھئا. ميڪ ڊونلڊز اعتراف ڪيو ته ان جي ڪاروبار تي  وچ اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ اثر ٿيو، پر فرانس، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا ۾ به ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿي.چيف ايگزيڪيوٽو ڪرس ڪيمپزنسڪي لنڪڊ ان پوسٽ ۾ اھا تصديق ڪندي، اھو الزام لڳايو ھو تھ اھو ردعمل  "غلط معلومات” سبب ٿيو.

بهرحال، ان بيان سان بائيڪاٽ جي مهم تي ڪو اثر  نه پيو ۽ چئن سالن ۾ پهريون ڀيرو ميڪ ڊونالڊز پنهنجي ٽه ماهي سيلز ٽارگيٽ پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي.

ڪمپني بائيڪاٽ مهم کي ‘افسوس ناڪ’ قرار ڏنو ھو. ياد رهي ته ميڪڊولڊز سموري دنيا ۾40 ھزار کان وڌيڪ اسٽور ھلائي ٿي. جن کي هلائڻ لاءِ هزارين مقامي آزاد سيڙپڪارن تي ڀاڙي ٿي. انهن مان اٽڪل پنج سيڪڙو وچ اوڀر ۾ آهن.

ڪمپني جي سي اي او موجب مسلمان ملڪن سميت جتي اسين ڪم ڪريون ٿا اتي  مقامي مالڪ،آپريٽر فخر سان ميڪ ڊونلڊز جي نمائندگي ڪن ٿا. هن اهو پڻ اعتراف ڪيو ته جيستائين هي جنگ جاري رهندي، اسان کي ڪنهن به بھتري  جي اميد ناهي.

شايد ميڪڊولڊز اھا  اميد ڪري رهي آهي ته اسرائيل ۾ پنهنجو ڪاروبار پاڻ خريد ڪري وچ اوڀر ۾ پنهنجي ساک بحال ڪري سگهي ٿي ۽ اهڙي طرح پنهنجي ڪاروباري مقصدن کي ممڪن بڻائي سگهي ٿي.

حماس طرفان 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حملي کانپوءِ اسرائيل جي جوابي ڪارروائي ۾ غزا جو اڪثر حصو تباهه ٿي ويو آهي.

غزه پٽي جي صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب غزا جي پٽي ۾ هينئر تائين 33 هزار ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.