ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي بيان تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پوليس فورس کي تڪراري بڻائي ڏوهارين کي فائدو پهچائي رهي آهي.
پنهنجي ردعمل ۾ ضياءُ الحسن لنجار چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ آهي، اعليٰ پارٽي قيادت جي ڪوشش آهي ته ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو وڃي، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي اسان کي اعتماد آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم پوليس فورس کي تڪراري بڻائي ڏوهارين کي فائدو پهچائي رهي آهي، آءِ جي سنڌ پوليس سٺي شهرت رکندڙ آفيسر آهي، امن امان قائم ڪرڻ لاءِ سمورا ادارا سنجيده آهن، ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ هجي ته سڀ سٺو نه هجي ته سڀ برو نظر ايندو آهي.
سندس چوڻ هو ايم ڪيو ايم ڄاڻي ڇڏي ته ڏوهارين جي ڪا ذات ناهي هوندي، اهي رڳو ڦرلٽ ڪندا آهن، ڏوهارين سان چڱي ريت منهن ڏيڻ اچي ٿو، ڪنهن به شهري جي مارجڻ تي اسان کي توهان کان وڌيڪ ڏک ٿيندو آهي پر دنيا ڄاڻي ٿي ته واڳون وارا ڳوڙها ڪير ڳاڙيندو آهي.
ضياءُ الحسن لنجار چيو ته توهان صبر ڪيو سڀني ڏوهارين جو خاتمو ڪنداسين، امن امان قائم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، جنهن کي چڱي ريت نڀائينداسين.
صبر ڪيو سڀني ڏوهارين جو خاتمو ڪنداسين: ضياءُ لنجار جو ايم ڪيو ايم کي جواب
You might also like