يقين آ ته پوليس ڪچي جي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري رهندي: آءِ جي سنڌ

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پوليس ۽ رينجرز گڏيل طور ڪچي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن، آپريشن دوران پوليس جا ڪيترائي جوان شهيد ٿيا، يقين آ ته پوليس ڪچي جي ڌاڙيلن جو خاتمو ڪري رهندي.
ڪنڌڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس ڪچي جي علائقن کي سيل ڪيو آهي، عوام جو اعتماد بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ڀرپور طاقت سان ڌاڙيلن جو خاتمو ڪنداسين.
هن چيو ته پريا ڪماري ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، جي آءِ ٽي ڪم ڪري رهي آهي، اميد ته پريا جلد آزاد ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.