هيرو يا ولن؟ آءِ پي ايل ۾ سست سينچري تي ڪوهليءَ تي ڇتي تنقيد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) آءِ پي ايل ۾ راجسٿان رائلز خلاف ميچ ۾ سست ترين سينچري ٺاهڻ تي مداح ويرات ڪوهلي تي ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن.
گذريل ڏينهن جئي پور ۾ کيڏيل ميچ ۾ رائل چئلينجرز بينگلور جي ڪپتان ويرات ڪوهلي 67 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي، جڏهن ته هن مجموعي طور 72 بالن تي 113 رنسن جي اننگز کيڏي.
ويرات ڪوهلي جي اها آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ گڏيل طور سڀ کان سست سينچري آهي، ان کان اڳ 2009 ۾ منيش پانڊي 67 بالن تي سينچري اسڪور ڪري سست ترين سينچري جو اڻ وڻندڙ اعزاز حاصل ڪيو هو.
ڪوهلي جي سست ترين سينچري تي سوشل ميڊيا واهپيدار مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ سوال اٿاري رهيا آهن ته ويرات رائل چئلينجز بينگلور جو هيرو آهي يا ولن؟
واضح رهي ته رائل چئلينجرز بينگلور 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 183 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته راجسٿان رائلز جوز بٽلر جي سينچري جي مدد سان هدف 19هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو، بٽلر 58 بالن تي 100 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.