ڏوهارين جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج کان به مدد وٺنداسين: ناصر شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي ته هر صورت ۾ امن قائم ڪيو وڃي، مراد علي شاهه ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون آهن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جا ٽارگيٽڊ آپريشن ٿي رهيا آهن، اسٽريٽ ڪرائمز خلاف به ڪارروائي ٿي رهي آهي، سنڌ ۾ اهڙن پوليس آفيسرن جي ضرورت هئي جيڪي صورتحال کي سمجهن.
سندس چوڻ هو ته سٺي شهرت رکندڙ آءِ جي جي مقرري تي ايم ڪيو ايم کي برو لڳڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، خواجا اظهار جي امن امان تي گفتگو رڳو سياسي آهي.
ناصر شاهه چيو ته ڏوهارين خلاف ڪارروائي لاءِ پاڪ فوج جي مدد به حاصل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.