اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عيدالفطر جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس 9 اپريل تي مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيندو.
اجلاس ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جا ميمبر، موسميات کاتي، سپارڪو، سائنس ٽيڪنالاجي وزارت جون اختياريون شريڪ ٿينديون، اجلاس مذهبي معاملن واري وزارت ڪوهسار ڪامپليڪس جي عمارت ۾ ٿيندو.
زونل ڪميٽين جي اجلاس مقرر جاين تي ٿيندا، اجلاس ۾ شوال جي چنڊ بابت شاهديون وصول ڪيون وينديون، مرڪزي ڪميٽي جو چيئرمين چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جو اعلان ڪندو.
هوڏانهن موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 9 اپريل تي عيدالفطر جو چنڊ نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي.
You might also like