خيبر پختونخواهه پوليس جو اهلڪار ڪراچي ۾ هٿيار سمگل ڪرڻ ۾ ملوث نڪتو، اهم انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ پوليس جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ڪشمير روڊ تي ڪارروائي دوران خيبر پختونخواهه پوليس جي ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪري اسڪول بيگ ذريعي هٿيارن جي سمگلنگ ناڪام بڻائي ڇڏي.
ڊپٽي سپرٽينڊنٽ آف پوليس راجا عمر خطاب موجب سي ٽي ڊي انٽيليجنس ونگ ڪي ايم سي اسپورٽس ڪامپليڪس ڀرسان ڪارروائي ڪئي، جوابدار پوليس اهلڪار اظهر الدين وٽ موجود اسڪول بيگ مان ننڍا هٿيار برآمد ٿيا.
هن ٻڌايو ته گرفتار جوابدار جو واسطو بين الصوبائي سطح تي هٿيار سمگلنگ ڪندڙ گروهه سان آهي، اهو گروهه ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ آن لائن هٿيار سپلاءِ ڪندو آهي، جوابدار ڪي پي جي بس اڏي جي منشي دانيال لاءِ ڪم ڪندو آهي.
سي ٽي ڊي موجب دانيال هٿيارن جي ڊيلرن قدير، صدام ۽ نديم اينڊ سنز جو مک ڪارڪن آهي، گرفتار جوابدار اظهر الدين جي قبضي مان ڪي پي پوليس جو ڪارڊ برآمد ٿيو ۽ جوابدار اڳ به ڪراچي ۾ هٿيارن جي سپلاءِ ڪري چڪو آهي.
راجا عمر خطاب ٻڌايو ته شهري آن لائن آرڊر بڪ ڪرائيندا آهن، ڊليوري دانيال منشي ڪرائيندو آهي، دانيال اچ وڃ جو ڀاڙو ۽ في پسٽل معاوضو ادا ڪندو آهي ۽ جوابدار ڪراچي اچي پارٽي جي هٿ ۾ هٿيار ڏيندو آهي ۽ واپس هليو ويندو آهي.
هن چيو ته گرفتار جوابدار کي سي ٽي ڊي منتقل ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.