سعودي عرب شهرين کي سڀاڻي چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت شهرين کي 8 اپريل تي شوال جو چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪري ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعدوي عرب ۾ شهرين کي 8 اپريل تي عيد جو چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
ان حوالي سان سعودي سپريم ڪورٽ هڪ بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ شهرين کي چيو ويو آهي ته اهي چنڊ بابت لاڳاپيل اٿارٽي کي آگاهه ڪن.
شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته چنڊ انساني اک سان يا دوربين ذريعي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن کانپوءِ چنڊ نظر اچڻ جو اطلاع ويجهي عدالت يا مرڪز کي ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.