ايم ڪيو ايم جو رينجرز کي سڄي سنڌ ۾ اختيار ڏيڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان سڄي سنڌ ۾ رينجرز کي اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم اڳواڻن چيو ته رينجرز کي سڄي سنڌ ۾ اختيار ڏنا وڃن ۽ پوليس مان ڪارين رڍن جو خاتمو ڪيو وڃي، ڇو ته ان کانسواءِ ڏوهه ختم نه ٿيندا.
فيصل سبزواري چيو ته ڪراچي ۾ وارداتن ۾ عام شهري مارجي رهيا آهن، ڪيترائي جوابدار پوليس جي صفن مان ملن ٿا، ضياءُ لنجار گهرو وزير ضرور بڻجي پر پنهنجو رويو درست رکي، توهان ڪنهن جا ڪوآرڊينيٽر نه سڄي صوبي مان گهرو وزير آهيو.
خواجا اظهار چيو ته نئين آءِ جي جي اچڻ سان ڪچي جي ڌاڙيلن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي ۽ ائين لڳي ٿو ته ڌاڙيلن کي لائسنس ٽو ملي ويو آهي، سنڌ حڪومت وفاق کي بليڪ ميل ڪري پنهنجي مرضي جو آءِ جي لڳرايو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.