ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ معاشي اوسر لاءِ ڊالر جو هجڻ ضروري آهي، ڊالر هجي ته دنيا مان شيون خريد ڪري پاڪستان آڻيو ۽ ان کي خرچ ڪيو، معاشي اوسر وڌي ويندي، ڊالر ختم ٿيو ته اوسر ختم ۽ پوءِ آءِ ايم ايف کان مدد وٺڻي پوندي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي محمد اورنگزيب چيو ته وفاقي حڪومت هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين آءِ ايم ايف سان نئون معاهدو ڪرڻ چاهي ٿي، آءِ ايم ايف جي ميڊيا ڊائريڪٽر نئين پروگرام تي ڳالهين لاءِ راضپو به ظاهر ڪيو آهي پر سوال اهو آهي ته نئين معاهدي کانپوءِ ڇا ٿيندو.
هن ايڪسپورٽس ۾ واڌ کي مسئلي جو حل قرار ڏيندي چيو ته ان مسئلي کي ايڪسپورٽس ۾ واڌ سان حل ڪري سگهجي ٿو، ايڪسپورٽس وڌائڻ لاءِ ماحول فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي ۽ ان لاءِ ڪو آن آف سوئچ ناهي هوندو پر مشاورت سان ڪيل درست فيصلن سان ئي ڪم ٿي سگهي ٿو.
You might also like