اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ صنعتن جي پيداوار ۾ واڌ ٿي آهي ۽ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ 21 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي.
پاڪستان جي لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ صنعتن ۾ زراعت، پيٽروليم شيون، ٽيڪسٽائل، فارماسوٽيڪل ۽ ٻيا اهم شعبا شامل آهن.
جنوري 2024 ۾ لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ انڊيڪس جي شرح 132.43 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل سال ڊسمبر ۾ 132.39 هئي.
حڪومت جي وقت سر قدمن سبب صنعتن ۾ زراعت ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبن ۾ هن سال بمپر فصل حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي.
نجي شعبي لاءِ قرض جي آسان فراهمي جي ڪري صنعتي شعبن ۽ مجموعي معاشي ترقي ۾ هاڪاري اشارا مليا آهن.
ملڪي لارج اسڪيل مينوفيچرنگ صنعتن جي پيداوار 21 مهينن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي
You might also like