اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ججن کي ڌمڪي جوڳا خط موڪلڻ جي معاملي تي جاچ ٽيمن خطن ۾ ملندڙ ڪيميڪل ۽ ان جي سپلاءِ جي به جاچ شروع ڪري ڇڏي.
ڄاڻايل ڪيميڪل ڪٿان ملندو آهي؟ ان حوالي سان سي ٽي ڊي جي ٽيمن آرسينڪ کپائيندڙن جو پتو لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب جاچ ٽيمن اسلام آباد جي آءِ ٽين ۽ راولپنڊي ۾ نيو ٽائون ۽ ڪمرشل مارڪيٽ جي پنسار اسٽورن جو دورو ڪيو.
جاچ ٽيمن پنسار اسٽورن تان آرسينڪ پائوڊر جي خريداري بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، سي ٽي ڊي جاڙن شهرن ۾ آرسينڪ کپائيندڙن جي مڪمل ڊيٽا حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.
واضح رهي ته ججن کي وصول ٿيندڙ خطن ۾ آرسينڪ مليل پائونڊر به شامل هو.
You might also like