حيدرآباد(رپورٽر) ناميارو سماج سڌارڪ اڳواڻ، اقليتن ۽ انساني حقن جي لاءِ جاکوڙيندڙ ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش 76 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ ڪري ديهانت ڪري ويو، سندس ديھانت جي خبر تي سنڌ ساڃاهه وندن ۾ ڏک جي لهر ڇائجي وئي. ڪالهه قاسم آباد جي ڀٽائي نگر واري رھائشگاھه تي ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش کي دل جو دورو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ديهانت ڪري ويو. سندس ديھانت جو اطلاع ملڻ تي سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر اينٿوني نويد، پنجاب اسيمبلي جو اڳوڻو ايم پي اي حبقوق گل، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جو جنرل سيڪريٽري جئه پرڪاش موراڻي، بشپ آف حيدرآباد سينسن شڪرالدين، سنڌ ھيومن رائٽس ڪميشن آف سنڌ جي ميمبر پشپا ڪماري سميت مختلف سياسي، سماجي، انساني حقن، صحافتي، وڪيل ۽ اقليتي برداري جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ قاسم آباد ڀٽائي نگر واري رھائشگاھه تي پھچي ويا. سرڳواسي ايم پرڪاش جون آخري رسمون اڄ آچر جي ڏينھن صبح جو 11 وڳي حيدرآباد باءِ تي ادا ڪرڻ بعد اگني سنسڪار ڪيو ويندو. سرڳواسي ايم پرڪاش 1976ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم شھيد ذوالفقار علي ڀٽو سرڪار دور ۾ فيڊرل مينارٽي ڪائونسل جو ميمبر رهيو، پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي ٽي ڀيرا ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جي ايوان جو متحرڪ ميمبر پڻ رھيو، جڏھن ته نيشنل لابنگ ڊيليگيٽس جو باني سرگرم ميمبر، پ پ مينارٽي ونگ حيدرآباد ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري، اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ ۽ وزيراعظم ٽاسڪ فورس جو پڻ ميمبر رھيو. ھن حيدرآباد ھندو پنچائت جي چيئرمين، سينيئر قانوندان ۽ انساني حقن لاءِ ايڇ آر سي پي جي پليٽ فارم تان پڻ ڊگھي عرصي تائين خدمتون سرانجام ڏنيون.
-
ورهاڱي باوجود ايم پرڪاش جي خاندان سنڌ مان لڏپلاڻ نه ڪئي
حيدرآباد: ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش مھتاڻي جو حيدرآباد ھيرآباد تلڪ چاڙهي واري علائقي جي اصلوڪي سنڌي ھندو عامل خاندان سان تعلق ھو. ورھاڱي کان اڳ سندس عامل برادري وڏي تعداد ۾ حيدرآباد شهر ۾ آباد ھئي، جيڪا 1947ع ڌاري ننڍي کنڊ جي ورھاڱي وقت حالتن ھٿان مجبور ٿي سنڌ مان ھند لڏپلاڻ ڪري ھلي وئي پر ايم پرڪاش ايڊووڪيٽ جو مھتاڻي خاندان ھتي ئي رھي پيو. عامل خاندان ورهاڱي کان اڳ حيدرآباد شهر جو هڪ انتهائي باصلاحيت ۽ ادارا ساز خاندان سمجهيو ويندو هو، هن خاندان جو حيدرآباد شهر جي ترقي جي لاءِ خدمتون هيون.سرڳواسي ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش مھتاڻي پٺيان سوڳوارن ۾ ھڪ وڌواھه، ھڪ پٽ ناميارو سماجي اڳواڻ راس مھتاڻي ۽ ھڪ ڌيء موھنا مھتاڻي ڇڏيا آھن. سندس تڏو قاسم آباد ڀٽائي نگر واري رھائشگاھه تي وڇايو ويو آھي. جتي سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سنڌ جي مختلف علائقن مان مختلف مڪتب فڪر جي ماڻھن جي آمد جو سلسلو جاري آھي
-
ساڃاهه وندن پاران ايم پرڪاش ايڊووڪيٽ کي ڀيٽا پيش
حيدرآباد: سنڌ جي ساڃاھه سنڌ جي نامياري انساني حقن جي اڳواڻ ايم پرڪاش ايڊووڪيٽ جي ديھانت تي ڏک جو اظھار ڪندي سندس وڇوڙي کي سنڌ ۾ انسانيت جي خدمت ۽ رواداري روايتن جو نقصان قرار ڏيندي چيو آھي ته ايم پرڪاش ايڊووڪيٽ اصلوڪي سيڪيولر صوفياڻي مزاج جي سنڌ جو انمول ڪردار ھو. ان سلسلي ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر نويد انٿوني، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻن حيدرآباد پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر لالا رحمان سمون، خالد کوکر، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح، جنرل سيڪريٽري جئه پرڪاش موراڻي، خزانچي جاني خاصخيلي، پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ايم پي حبقوق گل، سماجي اڳواڻ جاويد سوز هالائي، سينيئر صحافي مهيش ڪمار، سينيئر صحافين غلام حسين خاصخيلي، منصور مري، اشوڪ شرما، اشوڪ راماڻي، ارشاد چنا، ونود ڪمار، پون ڪمار، اديب موھن مدھوش، پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ نند لال مالھي، ڪشن شرما، پشپا ڪماري سميت ٻين ايم پرڪاش ايڊووڪيٽ جي ديھانت تي ڏک ۽ پونيئرن سان تعزيت جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ايم پرڪاش ايڊووڪيٽ جي وڇوڙي سڄي سنڌ کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو آھي. ھو سيڪيولر ۽ صوفياڻي مزاج جي سنڌ جي رواداري روايتن جو امين علمبردار ڪردار ھو.
-
ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش ھندو ۽ مسيحي برادري کي آئيني ۽ قانوني حق ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي
حيدرآباد: ايڊووڪيٽ ايم پرڪاش سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ھندو ۽ مسيحي برادري کي آئيني ۽ قانوني حق ڏيارڻ لاءِ نيشنل لابنگ ڊيليگيٽس جي پليٽ فارم تان پاڪستان جي سمورين پارلياماني پارٽين جي سياسي اڳواڻن، حڪومتي عهديدارن ۽ چونڊيل ميمبرن سان گذريل 13 سالن کان لابنگ ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي پاڪستان جي 76 سالن جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھندو ميرج لا ايڪٽ اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. جڏھن تہ ڪرسچن پرسنل لا پڻ لابنگ ڪري فائنل مرحلي ۾ پھچائي ڇڏيو. ھندو ميرج لا ايڪٽ تحت ھاڻ ھندو برادري ميريج سرٽيفڪيٽ، ملڪيت ۾ حق، طلاق سميت ٻين بنيادي انساني حقن جو آئيني تحفظ حاصل ٿي چڪو آھي.