ڪنڌڪوٽ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،20 ڄڻا زخمي

ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽ: ممتاز سنڌي) ڪنڌ ڪوٽ سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملير لڳ بنگوار  برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ڌرين انا۽ ضد جو مظاھرو ڪندي ھڪ ٻئي تي لٺيون ڏنڊا کڻي حملو ڪري ڏنو جنهن ڪري ٻنھي ڌرين جا 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا زخمين کي سول اسپتال آندو ويو جتي به ڌرين جي ڏندا بردار ماڻھن قانون کان بي خوف ٿي جھالت جو مظاھرو ڪندي اسپتال اندر  لٺيون کڻي ھڪ ٻئي تي وسڪارو ڪيو شھري جمع ٿي ويا اسپتال عملي ۾ خوف جو ماحول پيدا ٿي ويو پوليس پھچي جھيڙو روڪرائي ورتو، زخمين ۾ ميرل، علي حيدر، علي بخش، محمد علي،حسن علي، امداد، شاھڏنو،عبدالفتاح،  ميرو، دلبر، محمد چم، مختيار  شامل آهن زخمين مان اٺ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي سکر منتقل ڪيو ويو آهي.

  • شرجيل ميمڻ پاران وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف ڪارروائي جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن  ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ ڀاڙا وصول ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ان سلسلي ۾ صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي سنڌ پاران سمورن آفيسرن جون موڪلون رد ڪيون  ويون آهن.ھڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسافرن کي پريشان ڪندڙ ماڻهن کي بخش نه ڪيو ويندو.هن چيو ته اضافي ڀاڙن خلاف مهم عيد کانپوءِ تائين جاري رهندي.

  • سيڪيورٽي فورسز جو مختلف علائقن ۾ آپريشن،12 دهشتگرد مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان( م ڊ ) سيڪيورٽي فورسز مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪندي 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو آهي، آءِ ايس  پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب   ڊيرا اسماعيل خان، اتر وزيرستان ۽ پنجگور وارن علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 12  دهشتگرد مارجي ويا آهن .پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران 12  دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

  • 73سيڪڙو واپارين پاران شهباز حڪومت تي بي اعتمادي جو اظهار

اسلام آباد ( م ڊ )  گيلپ پاڪستان گيلپ بزنس ڪنفيڊينس انڊيڪس 2024 جي پهرين ٽه ماهي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.  گيلپ بزنس ڪانفڊينس تي موجود ڪاروباري صورتحال جي اسڪور گذريل ٽي ماهي جي ڪاٽو هڪ سيڪڙو جي مقابلي ۾ 7 سيڪڙو پوائنٽس جي بهتري سان 6 سيڪڙو ٿيندو، جيڪڏهن ملڪي سياسي صورتحال سبب ملڪي معيشيت مڪمل طور تي مستحقم نه ٿي آهي پر ان جي باوجود ڪاروباري صورتحال جي اسڪور ۾ بهتري آئي آهي . گيلپ بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس تي موجوده ڪاروباري اسڪور مسلسل پنجين ٽه ماهي لاءِ بحال ٿي رهيو آهي، ڪاروبار لاءِ نقطه نظر گذريل ٽه ماهي جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو بهتري ڏيکاريندي، پر اڃا تائين 47 سيڪڙو ڪاروبار، خاص طور تي ڪموڊٽيز، اسٽيشنري ۽ گفٽ آئٽمز  سان لاڳاپيل  واپاري ڪاروباري حالتن بابت پريشان آهن. گيلپ بزنس ڪانفڊينس تي موجود ڪاروباري صورتحال جي اسڪور گذريل ٽي ماهي جي ڪاٽو هڪ سيڪڙو جي مقابلي ۾ 7 سيڪڙو پوائنٽس جي بهتري سان 6 سيڪڙو ٿيندو، جيڪڏهن ملڪي سياسي صورتحال سبب ملڪي معيشيت مڪمل طور تي مستحقم نه ٿي آهي پر ان جي باوجود ڪاروباري صورتحال جي اسڪور ۾ بهتري آئي آهي .

  • آءِ ايم ايف پاران ڪي اليڪٽرڪ جي بقايا ۽ سبسڊي مسئلو حل ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( م ڊ )  آءِ ايم ايف ڪي اليڪٽرڪ جي بقايا ۽ سبسڊي جو مسئلو حل ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي ، عالمي  مالياتي فنڊ مطالبو ڪيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي رهتن ۽ سبسڊي جو مسئلو هلندڙ مالي سال حل ڪيو وڃي. پاور ڊويزن ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ 2013ع کان 66 ارب رپين جي رهتن تي تڪرار هلندڙ آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي جيڪا سبسڊي ڏني وئي آهي اها سرڪاري ڊي سي اوز کان ٻيڻي آهي، اها رقم گردشي قرضن جي مد ۾ آهي جنهن تي حڪومت کي وياج جي وڏي رقم ادا ڪري رهيو آهي، ناڻي واري وزارت ذريعن موجب آءِ ايم ايف ڪي اليڪٽرڪ جي بقايا ۽ سبسڊي جو معاملو هلندڙ مالي سال ۾ حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. آءِ ايم ايف وزيراعظم شهباز شريف کي ٻڌايو ته 10 سالن کان مسئلو حل نه ٿي رهيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ کي سوئي سدرن کي گئس ۽ اين ٽي ڊي سي کي بجلي جا بقايا ادا ڪرڻا آهن. ان حوالي سان ڪي اليڪٽرڪ جو موقف آهي ته ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ کان بقايا ادا ڪيا وڃن. ياد رهي ته ڪي اليڪٽرڪ جو معاهدو 2015 ۾ ختم ٿي ويو هو، ڪجهه مهينا اڳ نگران حڪومت ۽ ڪي اليڪٽرڪ وچ ۾ بجلي جي خريداري جو نئون معاهدو ٿيو هو.

  • ڪراچي ۾ شهرين کي اغوا ڪندڙ 4 سي ٽي ڊي اهلڪار  گرفتار

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ايس آءِ يو سي ٽي ڊي گارڊن ۾ ڇاپو هڻي چئن شهرين کي  اغوا ڪرڻ ۾ ملوث سي ٽي ڊي اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو،  ايس آءِ يو سي ٽي ڊي گارڊن تي ڇاپو هڻي 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ جو چوڻ هو ته اهلڪارن شهري جاسم ۽ سندس ساٿين کي غير قانوني طور حراست ۾ ورتو، جنهن بعد شهري جي فرياد تي ٽيپس سلطان ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس جي متن ۾ چيو ويو ته شهري کي پي اي سي ايڇ ايس مان سندس ساٿين سميت حراست ۾ ورتو ويو، حراست ۾ ورتل شهرين کي سي ٽي ڊي گارڊن سيل منتقل ڪري بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو،  ۽ خالي ڪاغذ تي صحيح ۽ آڱوٺي جو نشان به هنيو ويو. شهري جاسم جو چوڻ هو ته نور نالي ڇوڪري مون کي 63 هزار رپيا ڏيڻا هئا، پئسن جي گهر ڪئي ته هن نمبر بلاڪ ڪري ڇڏيو، ۽ ناري شھيب نالي ڪنهن شخص سان رابطو ڪيو ۽ هن پي اي سي ايڇ ايس ملڻ لاءِ گهرايو جڏهن اتي پهتاسين ته سي ٽي ڊي گارڊن عملي موبائيل وين ۾ ويهاري سي ٽي ڊي گارڊن کڻي ويا ، گارڊن ۾ ۾ ناري اچي مون کي مارڪٽ ڪئي ، مون کي گارگند ڪئي ، سي ٽي ڊي اهلڪارن 4 لک وٺي ڇڏيو آهي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ ٻڌايو ته گرفتار اهلڪارن ۾ ايس آءِ رفاقت، اي ايس آءِ لياقت، جهانزيب، حارث شامل آهن ملوث سڀني اهلڪارن کي برطرف ڪيو ويو آهي.

  • تنگواڻي ۾ پوليس اهلڪار کان سرڪار هٿيار جي ڦر

تنگواڻي(ن ع آ) تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي اهلڪار حاڪم ملڪ کان هٿياربندن سرڪاري جي ٿري رائفل ڦر ڪري فرار ٿي ويا پوليس اهلڪار سليم کوسو پڪٽ تي ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته2هٿياربندن اڳ وٺي موٽر سائيڪل سرڪاري جي ٿري رائيفل ڦر ڪري فرار ٿي ويا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.