ڪچي جا ڌاڙيل پوليس لاءِ مٿي جو سور بڻيل، اغوا وارداتون رڪجي نه سگهيون

ڪراچي ( م ڊ ) سنڌ ۾ ڪرپٽ ڌاڙيلن کي قابو ڪرڻ  هڪ چئلينج بڻجي ويو،ڪچي جي ڌاڙيلن کي قابو ۾ آڻڻ حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي، ڪيترائي ڌاڙيلن جا گينگ ڀنگ لاءِ سوشل ميڊيا جو ڀرپور استعمال ڪري رهيا آهن، ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس ۽ رينجرز جو ڪچي واري علائقي ۾ گڏيل آپريشن جاري آهي، ڪچي طرف ايندڙ ويندڙ سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن، پوليس ۽ رينجرز جي فائرنگ ۾ ڌاڙيلن جا 7 سهولتڪار زخمي ٿي پيا آهن، سکر ڊويزن ۾ ڇهن مهينن دوران 31 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، جڏهن ته ٽن مهينن دوران ڪشمور ضلعي مان 90 ۽ شڪارپور مان 60 ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو، ڌاڙيلن کان 126 مغوين کي آزاد ڪرايو ويو، جڏهن ته اڃان به 24 مغوي ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.