شهيد بشير خان قريشي جي اڄ 12هين ورسي،جسقم پاران رتيديري ۾ جلسي جو اعلان

رتوديرو(پ ر) اڄ 7 اپريل, 27 رمضان شريف ۽ عيد جو ويجهو هجڻ ڪري "عيد سنڌ جي وڏي سان” ملهائڻ لاءِ شهيد بشير خان قريشي  جي 12، ٻارهين ورسي جو قومي جلسو عيد جي ٽين ڏينهن تي رتوديرو ۾ ٿيندو، جڏهن ته اڄ 7 اپريل تي شهيد بشير خان قريشي جي مزار تي  جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ،مرڪزي قيادت ۽ سوين ڪارڪنن سان گڏ حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلام پيش ڪندو ان دوران شهيد جي مزار تي روزو پڻ افطار ڪرايو ويندو، صنعان خان قريشي چيو ته عيد جي ٽئين ڏينهن تي سنڌ جي وڏي شهيد بشير خان قريشي جو قومي جلسو رتوديرو ۾ ملهايو ويندو، جنهن ۾ سنڌ جي حلالي پٽن، شهيد بشير خان قريشي جي هزارين عاشقن ۽ شهيد جي سڀني دوستن کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي، هن چيو ته  سنڌ هر طرف کان سازشن جي گهيري ۾ آهي،سنڌ کي بچائڻ لاءِ سنڌي قوم کي متحد ٿي، سيد جي فڪر ۽ شهيد بشير خان قريشي جي اختيار ڪيل جدوجهد جي رستي تي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.