ٺل (ن ع آ) سرڪار طرفان سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان ٺل ۾ احتجاجي ڪيمپ قائم. محمد سليمان سندراڻي، اسدالله سندراڻي، صحافي جان محمد مهر، استاد الله رکيو نندواڻي، پروفيسر اجمل ساوند ۽ ٻين بي گناهه ماڻهن جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو. معصوم نياڻي پريا ڪماري، فضيلا سرڪي ۽ ٻين مغوين جي آزادي لاءِ به پرزور نعريبازي. احتجاج جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ آصف کوسو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر نويد عباس ڪلهوڙو، منصور ڪنراڻي، شبير قريشي، ارشاد نوناري ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي. سنڌ سرڪار ڌاڙيلن کي پالي رهي آهي. وفاقي سرڪار به هٿيارن جي اسمگلرن جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي. اڳواڻن چيو ته جيڪي مغوي لکين روپيا ڀنگ ڀري اچن ٿا، پوليس اهي مغوي پوليس مقابلي ۾ بازياب ڄاڻائي گهر ويٺي مجاهد بڻجي رهي آهي. پوليس ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا دفاع جي نالي ۾ کربين روپيا هڙپ ڪن ٿا پر عوام جو ڪو به دفاع نٿا ڪن. سنڌ جو وڏو وزير پڇي ٿو ته ڌاڙيلن وٽ فوجي هٿيار ڪيئن ٿا پهچن، اسين وڏي وزير مراد علي شاهه کان پڇون ٿا ته جڏهن توهان ايترا نااهل آهيو جو توهان کي اها به خبر ناهي ته ڌاڙيلن کي فوجي هٿيار ڪير ٿو پهچائي