حيدرآباد ( پ ر) جيئي سنڌ محاذ طرفان پريا ڪماري جي باحفاظت آزادي ڌاڙيل راڄ ۽ آبادرڪارن کي مناسب اڳ تي ڪڻڪ نه وٺڻ خلاف 14 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ڌرڻن ۽ مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو، اهڙو اعلان جيئي سنڌ محاذ جو سماجي رابطي واري سوشل ويپ سائيٽ تي لائيو ھنگامي اجلاس ھتي پارٽي چيئرمين رياض علي چانڊيو جي زير صدارت ٿيو جنھن ۾ مرڪزي باڊي سي سي جي ميمبرن ۽ ذيلي فرنٽن جي عھديدارن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال امن امان ۽ پريا ڪماري جي اغوا واري معاملي تي تفصيلي غور ويچار ڪندي چيو ويو ته پيپلزپارٽي 2008 کان ھن وقت تائين سنڌ کي ڪرپشن جي باھ ۾ ساڙيندي رھي آھي پ پ سنڌ جو امن تباھ ڪيو آھي سنڌ جي حق حاڪميت لاءِ خطرا پيدا ڪيا اٿس سنڌ جي ماڻھن جو آئيندو تباھ ڪرڻ لاءِ اسلام آباد جي آشيرواد سان پ پ لاڳيتو منصوبا جوڙيندي آئي آھي وڏيرا ۽ ڪرپٽ آفيسر موجون پيا ڪن، ان سڄي صورتحال جي ذميوار حڪمران آهن، پ پ سنڌ جي ماڻھن کي بي يارو مددگار بڻائي ڇڏيو آهي، قانون جي حڪمراني ناھي صرف غنڊا راڄ آھي معصوم ماڻھن ۽ عام شھرين کي اغوا ڪيو پيو وڃي ھتي ھميشا ڪڻڪ جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو آھي سنڌ ۾ جڏھن بمپر فصل لھي ٿو ته مارڪيٽ ۾ فصلن جا اگهھ ڪيرايا ٿا وڃن .