سرحد(پ ر) پريا ڪُماريء کي آزاد ڪريو!سنڌي سياسي ڪارڪنن کي آزاد ڪريو!سنڌ سڀا مارچ سرحد شھر کان گھوٽڪي پھتو،وک وک تي نعرن جي گونجار ۾ ”سنگرار ۾ کنڀي حويلين ۾ قيد ڪيل پريا ڪماريء کي آزاد ڪريو! جي مطالبي سان سرحد شھر جي مک بازار چوڪ تان مارچ جي اڳواڻن تي گلن جي ورکا ڪئي وئي شهيد ضامن شاھ ، پريل شاھ ۽ کنڀي گم ڪيل ارسلان شاھ جي والد سائين بچل شاھ گلن ورکا ڪئي فروٽ ٿڌو پاڻي ۽ چمي ڏئي شاباس ڏني،اياز لطيف دايو، محبوب گھوٽو، رشيد سنڌي مارچ ۾ شريڪ ٿياپريس ڪلب ميرپور ماٿيلو آڏو صحافين سان ڳالھائيندي سنڌ سڀا پريا ڪماري مارچ جي مھندار سنڌي انعام چيو ته سنڌ ٻاهر نڪتي ته پير،مير،شاهه، وڏيرا،پيپلا،واٺا ۽ سندن مالڪي ڪندڙ بندوق بردار به جهڪي پوندا،هن چيو ته اڄ ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب کان مھيسرو ڏانھن پنڌ ڪنداسين عيد ڏينھن ٻٻر لوءِ باءِ پاس تي لڳاتار ڌرڻو ھڻي ويھي رھنداسين! آخر ۾ مارچ جي اڳواڻن سنڌي انعام، ڊاڪٽر نذير کوکر، نصرالله گڏاڻي، شمن انقلابي ۽ حسين سنڌي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جلد کان جلد پريا ڪُماري کي سنگرار جي سيدن جي حويلين مان آزاد ڪرايو وڃي