ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز جو خاتمو ٿيڻ گهرجي: نثار کهڙو

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کھڙو چيو آھي ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ امن امان جي قيام لاءِ پوليس ۽ انتظاميه کي  ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪاروائيون تيز ڪرڻ ۽ سخت قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ان ڏس ۾ آءِ جي سنڌ ڏوهارين خلاف ڪارروائين جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي. ڪارروائين جي نتيجي ۾ جلد بهتر نتيجا سامهون ايندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن ڪراچيءَ جي مقامي هوٽل ۾ افطار جي موقعي تي هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ پوليس کي صوبي ۾ ڏوهارين جي خلاف ڪاروائيون ڪرڻ لاءِ سڀئي اختيار حاصل آهن پر رينجرز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پوليس جي مدد لاءِ هر وقت موجود هوندا آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت چاھي ٿي ته صوبي ۾ مڪمل امن امان قائم هجي ۽ عوام کي مڪمل تحفظ جو احساس ٿئي جنهن لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. هن چيو ته ڌاڙيلن، ڏوهارين ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز جي مڪمل خاتمي تائين ڪاروائيون جاري رهڻ گهرجن هن چيو ته امن امان جي خراب صورتحال م نگران حڪومت کي به ذميوارين کان آجو قرار ڏئي نه ٿو سگهجي ڇاڪاڻ نگران حڪومت کي پڻ سندن 8 مهينن جي مدي دوران ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪاروائيون ڪرڻ گهرجن ها پر انهن ائين نه ڪيو پر هاڻي پيپلز پارٽيءَ جي سنڌ حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.