ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) پرياڪماري جي آزادي لاءِ ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي سجاول طرفان ميرپوربٺورو ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ پريوز ميمڻ، حسين آزاد، مجيد ساگر، عزيز ميمڻ، بچل ملاح، محمد ڏيٿو، ھندو پنچائت جي اڳواڻ سائين پالومل، شھري اتحاد جي ڏاڏا شورو، ڪرن زئور،پرھ زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميرپوربٺوري جي جعفر پارڪ کان مين بس اسٽاپ تائين ڪڍي وئي،هوڏانهن سيتا سرجڻهار فورم پاران 32 مهينا اڳ اغوا ٿيل سنڌ جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ شروع ڪيل جدوجهد کي 11 ڏينهن ٿي ويا، فورم جي سرواڻ مشهور ميمڻ، شهزاد علي ميمڻ، شبير احمد بالادي، علي اڪبر خانزادو، آصف خانزادو، عبدالرزاق سيال، آذان ميمڻ، محبوب علي بالادي ۽ ٻين چيو ته پريا ڪماري کي جلد بازياب ڪرايو وڃي،هوڏانهن هندو پنچائت ۽ ينگ پنچائت ڪوٽڙي پاران پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنھن دوران سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڪامريڊ سارنگ ڄام، راهول ڪمار، بيشم ڪمار آزاد، مکي جڳديش، سشيل چيو ته 18 آگسٽ 2021 ، 9 محرم جي ڏينهن سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري ھيترو وقت گذرڻ باوجود بازياب ناهي ٿي، جڏھن ته پريا ڪماري کي اغوا ڪندڙ ايترا ته بااثر آھن جو حڪمران کين ڪجهه به ٿا ڪري سگهن. هنن چيو ته ڪيتري ئي وقت کان معصوم نياڻي جي بازيابي لاء سنڌ سراپا احتجاج آھي پر پريا اڃا تائين قيد ۾ آھي. هنن چيو ته معصوم نياڻي کي اغوا ڪندڙ اتان جا ئي ماڻهو آھن، جن وٽ ئي پريا قيد آ . هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.روهڙي جي ڀر واري علائقي سنگرار مان 3 سال اڳ 10 محرم تي پراسرار نموني اغوا ٿيل 7 ورهين جي پريا ڪماريءَ جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مختلف سماجي تنظيمن ۽ شهرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي گذريل ڏينهن روهڙي سجاڳ ويلفيئر اتحاد جي ڪارڪنن پاران بيڙي چوڪ کان روهڙي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ويلفيئر جي چيئرمين فاروق احمد جسڪاڻي، غلام رسول جاگيراڻي، ايڊووڪيٽ شهزاد جتوئي،سجاد کوسو، سليم منڱريو ۽ ٻين چيو ته پريا ڪماري جي اغوا کي 3 سال گذري ويا آهن سڄي سنڌ ۾ روزاني جي بنياد تي احتجاج جاري آهن پر پوليس اڃا تائين پريا ڪماريءَ جو پتو لڳائي نه سگهي آهي مظاهرين آءِ جي سنڌ ۽ قائم ڪيل جي آءِ ٽي ۾ شامل پوليس آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي ته معصوم پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي پريا ڪماري جي والدين سميت سنڌ واسين ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪيو وڃي