اسلام آباد ( م ڊ ) آءِ ايم ايف پيڪيج کان اڳ وزيراعظم آفيس جي آفيسرن لاءِ 4 اضافي پگهارن جي منظوري ڏني وئي آهي.ڊيفالٽ کان بچڻ لاءِ آءِ ايم ايف کان نئين بيل آئوٽ پيڪيج جي درخواست لاءِ واشنگٽن روانگي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ناڻي واري محمد اورنگزيب وزيراعظم آفيس جي آفيسرن کي 4 پگهارون ڏيڻ جي منظوري ڏيندي. اهو فيصلو ڪفايت شعاري جي دعويٰ جي نفي ڪري ٿو ۽ مهانگائي جي شڪار عوام جي زخمن تي لوڻ هارڻ جي برابر آهي. جو گڏيل طور تي 27 سيڪڙو مهانگائي ۽ ڪيترائي ڀيرا اضافي سان يوٽيلٽي بلن کي منهن ڏئي رهيا آهن.ذريعن موجب ٻڌايو ويو آهي ته اهڙن آفيسرن لاءِ اهي پئسا اضافي ڪم ڪرڻ تي منظور ڪيا ويا آهن. حڪومت پنهنجي جوڙجڪ جي صرف هڪ مهيني کان پوءِ سرڪاري آفيسرن جي لاءِ انعام جي منظوري ڏني آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته اهڙن آفيسرن طرفان ڪوبه اهڙو غير معمولي ڪم نه ڪيو ويو آهي جنهن سبب انهن کي ڪنهن انعام جو اهل قرار ڏئي سگهجي. انعام جي ادائيگي بينڪن مان 23 سيڪڙو وياج جي شرح تي قرض کڻي ڏني ويندي.