مريم نواز ۽ محسن نقوي ۾ ڪامورن جي مقررين تان تڪرار

لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت لاهور جي ڊي آءِ جي آپريشنز علي ناصر ۽ سي اينڊ ڊبليو جي سيڪريٽري سهيل اشرف جون خدمتون وفاق کي ڏيڻ  کان معذرت ڪري ورتي. ذريعن موجب ڊي آءِ جي آپريشنز لاهور کي آءِ جي اسلام آباد مقرر ڪيو ويو هو ته پنجاب حڪومت کيس رليو ڪرڻ کان انڪار ڪندي وفاق کي درخواست ڪئي ته وفاقي آفيسرن کي صوبي مان بدلي ڪرڻ اڳ پنجاب حڪومت کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. ذريعن موجب گهرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي سيڪريٽري سهيل اشرف کي پي سي بي ۾ رکڻ جو خواهشمند هو پر پنجاب حڪومت کيس پي سي بي ۾ رپورٽ ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته صوبي ۾ اهم پراجيڪٽ هلندڙ آهن ان ڪري سيڪريٽري کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. پنجاب جو اڳوڻو نگران وڏي وزير محسن نقوي پنجاب مان پنهنجي ٽيم بدلي ڪري وفاق ۾ مقرر ڪرڻ چاهي پر سندس خواهش تي پنجاب جي وزير اعلي’ مريم نواز پاڻي ڦيري ڇڏيو. ان کان علاوه هن پنجاب جي آءِ جي عثمان انور کي عهدي تي برقرار رکيو آهي. ذريعن موجب آءِ جي اسلام آباد لاءِ علي ناصر جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو ۽ آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر عهدي جي چارج به ڇڏي ڏني پر ٻه هفتا گذرڻ باوجود نئين چارج نه ورتي،جتي وقتي آءِ جي جو عهدو هن وقت ڊي آءِ جي آپريشنز شهزاد بخاري وٽ آهي. ذريعن موجب محسن نقوي هاڻي آءِ جي اسلام آباد لاءِ 3 ٻيا نالا اماڻيندو، جن مان هڪ کي آءِ جي مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته عيد کانپوءِ وڌيڪ آفيسرن جي بدلين تي غور ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.