رٻڙ جي آڱوٺن سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام فنڊن ۾ گهوٻين جو انڪشاف

ٽنڊو محمد خان (ويب ڊيسڪ) سليڪون اڱوٺن سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام فنڊن ۾ گهوٻين جو انڪشاف سامهون آيو آهي، ايف آءِ اي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل حيدرآباد وڏي ڪارروائي ڪندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام فنڊن ۾ گهوٻيون هڻندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي موجب مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ڊسٽرڪٽ ٽنڊو محمد خان ۾ ڇاپو هنيو ويو، گرفتار جوابدارن ۾ شبير احمد، غلام عباس ۽ آصف علي شامل آهن.
ڇاپي دوران جوابدارن وٽان 3 بي وي ايس ڊوائسز ۽ 5 موبائل فونز، 44 سڃاڻپ ڪارڊ، سيليڪون ٿمبز ۽ ڪيش ڪڍرائڻ جون ڪيتريون ئي سلپون برآمد ڪيون ويون.
جوابدار سيليڪون ٿمب جو استعمال ڪندا هئا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تائين غير قانوني پهچ حاصل ڪندا هئا.
ايف آءِ اي موجب جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سندن نشاندهي تي وڌيڪ گرفتاريون ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.