ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجاب سان واستو رکندڙ عالمي شهرت يافتا ڳائڻو دلجيت سنگهه دوسانجهه انڪشاف ڪيو آهي ته 11 سالن جي عمر ۾ ئي سندس والدين کان عليحدگي ٿي وئي هئي.
واضح رهي ته دلجيت سنگهه دوسانجهه نه رڳو ڀارت پر ٻين ملڪن ۾ به گهڻو ٻڌو ويندڙ ۽ پسند ڪيو ويندڙ گلوڪار آهي، دلجيت جو هر نئون ايندڙ گانو مشهور ٿي ويندو آهي ۽ مداحن لاءِ سوکڙي هوندو آهي جنهن کي ٻڌي ٻڌي سندس مداح ٽرينڊ بڻائيندا آهن.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب تازو ئي دلجيت سنگهه دوسانجهه پوڊڪاسٽ ”رنوير الله آباديا“ ۾ انٽرويو جي دوران پنهنجي ذاتي زندگي بابت پهريون ڀيرو کليل ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
ان پوڊڪاسٽ ۾ مشهور گلوڪار پنهنجي والدين سان ڳانڍاپي بابت چيو ته هو پنهنجي والدين کان ناراض هو ڇاڪاڻ ته سندس مرضي پڇڻ کانسواءِ هنن کيس ٻئي شهر موڪلي ڇڏيو هو.
دلجيت ٻڌايو ته هو جڏهن 11 سالن جو هو ته پنهنجو گهر ڇڏي پنهنجي مامي سان رهڻ لڳو هو، هو ڳوٺ کي ڇڏي شهر لڌيانا اچي رهيو هو.
گلوڪار انڪشاف ڪيو ته سندس مامي هن جي والدين کان پڇيو ته ڇا کيس پاڻ سان گڏ شهر وٺي وڃي جنهن تي والدين کيس بنا پڇڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
دلجيت سنگهه جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو رهندو هو، اسڪول ايندو ويندو هو، ماما جي گهر ٽي وي به نه هوندي هئي، کيس گهڻو وقت هوندو هو ان لاءِ هو پنهنجي فيملي کان پري ٿيندو ويو.
هن وڌيڪ چيو ته سندس والدين هن جي سٺي لاءِ ئي سوچيو هوندو، هو پنهنجي ماءُ جي ڏاڍي عزت ڪندو آهي ۽ پيءُ به ڏاڍو سٺو انسان آهي، هو کيس ڪجهه به نه پڇندا هئا، اهو به نه پڇيو ته هو ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهندو آهي، ان لاءِ هن جو تعلق رڳو والدين سان نه پر سڀين سان ٽٽي چڪو آهي.