هزار مهينن کان افضل رات ليلة القدر اڄ ملهائي پئي وڃي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي جي طاق راتن مان سڀ کان افضل رات ليلة القدر عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي.
ماڻهو سڄي رات گهرن ۽ مسجدن ۾ ليلة القدر جي ڳولا ۾ عبادت ڪندا ۽ دعائون گهرندا، تراويح نماز ۾ قرآن پاڪ ٻڌائيندڙ حافظن کي اعزازن سان نوازيو ويندو، مٺايون ورهايون وينديون، جڏهن ته مسجدن ۾ عبادتگذارن لاءِ سحري جا به انتظام ڪيا ويا آهن.
مسجدن ۾ تراويح نماز ۾ ختم قرآن جا اجتماع ٿيندا، عالم هن رات جي فضيلت بيان ڪندا، بخشش ۽ مغفرت سميت ٻيون خاص دعائون گهريون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.