آءِ فونز واهپيدارن لاءِ بري خبر

مشهور آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ايپل جي پراڻي واهپيدارن لاءِ خراب خبر ٻڌائي ڇڏي آهي.

ايپل جي اعلان تحت ڪمپني پنهنجي پراڻي آءِ فونز سيريز کي محدود ڪرڻ لاءِ منصوبو  تيار ڪري رهي آهي. جيڪي واهپيدار آءِ فون جا پراڻا ورزن استعمال ڪري رهيا آهن اهي هشيار ٿي وڃن ڇاڪاڻ ته هاڻي اپڊيٽ جو ملهه ادا ڪري اپ ڊيٽ ڪري سگهبو.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪمپني هاڻي محدود ٿيندڙ آءِ دون بابت لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ آءِ فون 6 پلس کي به شامل ڪيو ويو آهي جيڪو 5.5 انچ ڊسپلي سان گڏ 2014 ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

دنيا ۾ محدود ٿيندڙايپل  آءِ فونز جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. جنهن ۾ هيٺ ڏنل ماڊل آهن.

آءِ فون ٿري جي 8 جي بي

 آءِ فون 3 جي بي (8 جي بي، 16 جي بي)

 آءِ فون ٿري جي ايس 16 جي بي، 32 جي بي

آءِ فون ٿري جي ايس (16 جي بي، 32 جي بي)

 آءِ فون 4 سي ڊي ايم اي

 آءِ فون 4 سي ڊي ايم اي(8 جي بي)

آءِ فون 4 ، 16 جي بي، 32 جي بي

 آءِ فون 4 جي ايس ايم(8 جي بي) بليڪ

 آءِ فون 4 ايس

 آءِ فون 4 ايس(8 جي بي)

 آءِ فون 5 سي

 آءِ فون 6 پلس.

رپورٽ موجب ڪمپني مٿي ڄاڻايل فونز کي پراڻو قرار ڏيندي ان لاءِ انهن فونز  جي ورزنز لاءِ ڪائي به هارڊ ويئر يا سافٽ ويئر سپورٽ نه ڏني ويندي. واضح رهي ته جن به شين کي ايپل 7 سال کان وڌيڪ اڳ وڪرو ڪرڻ بند ڪيو آهي انهن کي ونٽيج قرار ڏنو آهي. ونٽيج محدود ڪرڻ کان پهريون جو مرحلو آهي جڏهن ته انهن شين کي هارڊ ويئر سپورٽ بند ٿي ويندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.