پارڪ گهمڻ دوران هاٿيءَ جي حملي ۾ عورت سياح مارجي وئي

آفريقي ملڪ زمبيا ۾ سياحن سان افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هاٿي جي حملي ۾ عورت سياح مارجي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب زمبيا جو ڪافيو نيشنل پارڪ، جيڪو سڄي دنيا جي سياحن جي ڌيان جو مرڪز رهندو آهي، ۾ اهو واقعو پيش آيو.
ميڊيا رپورٽن موجب وائلڊرنيس جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪيٿ ونسنٽ واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪافيو نيشنل پارڪ ايندڙ 6 سياح گاڏي ۾ سوار هئا، انهن سان گڏ پارڪ جو هڪ نمائندو به هو، جيڪو سياحن کي جهنگلي جيوت جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪندو آهي.
هن ٻڌايو ته پارڪ جي سير دوران هڪ هاٿي غير امڪاني طور حملو ڪيو، جنهن سان 79 ورهين جي آمريڪي سياح مارجي وئي، جڏهن ته هڪ ٻي عورت زخمي ٿي، جنهن کي فوري طور طبي امداد فراهم ڪئي وئي.
سندس چوڻ هو ته اسان جا سمورا گائيڊز انتهائي تربيت يافته ۽ تجربي ڪار آهن پر افسوس ته اهي گاڏي کي حملي ۽ نقصان کان نه بچائي سگهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.