پاڪستاني اداڪارن جي شهرت ڏسي ”خانز“ ڊڄي ويا آهن: ناديا خان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اداڪارا ۽ ميزبان ناديا خان تازو هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته بالي ووڊ خانز کي پاڪستاني اداڪارن کان ڊپ آهي جنهن سبب هو نٿا چاهن ته پاڪستاني فلمون ڀارت ۾ هلن.

ناديا خان چيو ته ڀارت جا رڳو سياستدان نه پر اداڪار به خوف کائيندا آهن ته پاڪستاني فلمون ڀارت ۾ ڏيکاريون ويون ته پاڪستاني فلمن سان سخت مقابلو ٿيندو. ڀارتي اسٽارز عدم تحفظ جا شڪار آهن.  ان لاءِ آرٽ کي سياسي مسئلو بڻائي پاڪستاني فلمن کي ڀارت ۾ بين ڪيو ويو آهي.

پاڪستاني فلمن جا اداڪار شرٽس ناهن لاهيندا پر اکين سان جادو ڪندا آهن، اردو ٻولي صاف ڳالهائڻ سبب کين ڀارتي عوام پسند ڪندو آهي. هاڻي به بلال عباس ۽ وهاج علي جا ڀارت ۾ وڏا فين آهن. ڀارت جا خانز به سوچن ٿا ته جيئن پاڪستاني اداڪار انڊسٽري ۾ آيا ته انهن جو ڇا ٿيندو، پاڪستان ۾ جيتري اداڪارن جي عمر آهي ايتري عمر جا ڀارت ۾ اداڪار ئي ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.