لڪي مروت ۾ پوليس جي گاڏي تي فائرنگ، ڊي ايس پي گن مين سوڌو شهيد

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) لڪي مروت ۾ منجيولا چوڪ ڀرسان دهشتگردن جي پوليس جي گاڏي تي فائرنگ ۾ ڊي ايس پي گل محمد خان گن مين سوڌو شهيد ٿي ويو.
پوليس موجب دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار زخمي به ٿيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ وڏي نفري اتي پهتي ۽ دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.