ڀارتين کي خيرات ۾ پائيلٽ موٽائي ڏنو، راجناٿ ڀڀڪيون هڻڻ ڇڏي ڏي: خواجا آصف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف ڀارت کي بيان بازي ۾ محتاط رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته راجناٿ ڀارت ۾ چونڊ مهم جي ڪري ڀڀڪيون پيو هڻي، پر اليڪشن جي چڪر ۾ ڀارت اهڙي حرڪت نه ڪري جنهن جو بعد ۾ ان کي نتيجو ڀوڳڻو پوي.
هن ڀارت کي بيان بازي ۾ محتاط رهڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته ڪجهه سال اڳ ڀارت پاڪستان ۾ گهڙي ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي ان جو انجام ڪهڙو ٿيو هو ؟ اسان ڀارت جو جهاز ڪِيرايو هو ۽ پائيلٽ کي پڪڙي خيرات ۾ واپس موٽائي ڏنو ، جيڪڏهن ڀارت ٻيهر اهڙي حرڪت ڪئي وئي ته ساڳيو ئي جواب ڏنو ويندو.
بچاءَ واري وزير وڌيڪ چيو ته چيو ته ڀارت پاڙيسري ملڪن ذريعي پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرپرستي ڪندو رهيو آهي، ڀارت ۾ سڌي ريت حملو ڪرڻ جي جرئت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.