ڀارتي بچاءَ واري وزير پاران پاڪستاني شهرين جي قتل جو اعتراف، پاڪستان جو سخت ردعمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڀارتي بچاءَ واري وزير جي بيان کي دهشتگرديءَ جو اعتراف قرار ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته ڀارتي بچاءَ واري وزير پاڪستاني شهرين جي قتل جو اعتراف ڪيو، عالمي برادري کي غير قانوني قدمن تي ڀارت کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.
پاڪستان ڀارت جي پاڪستاني شهرين کي قتل ڪرائڻ جي سازش وائکي ٿيڻ ۽ ڀارتي بچاءَ واري وزير راجناٿ جي وڌيڪ پاڪستانين کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪرڻ واري بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
واضح رهي ڪجهه برطانوي رسالي جي رپورٽ تي تبصرو ڪندي ڀارت جي بچاءَ واري وزير راجناٿ سنگهه چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي پاڪستاني شهرين جي قتل جي حوالي سان اِها ئي پاليسي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت پاڪستان ۾ هر ان شهري کي قتل ڪندو جيڪو سندن ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگرد ڪارروائي ۾ ملوث رهيو آهي.
سندس بيان تي ردعمل ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته 25 جنوري 2024ع تي پاڪستان ڀارتي مداخلت جا ترديد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت فراهم ڪيا، هي پاڪستان ۾ ڀارت جي عدالت کان مٿانهين ۽ عالمي قتل عام جي مهم جو واضح ثبوت آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڀارت طرفانن وڌيڪ شهرين کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ واضح طور ڏوهه جو اعتراف آهي، عالمي برادري کي ڀارت جي هن ڪريل ۽ غيرقانوني قدم جو جو پڇاڻو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به اڳرائي خلاف پنهنجي خودمختاري جي تحفظ لاءِ مڪمل پرعزم آهي، فيبروري 2019ع تي به ڀارت کي اڳرائي تي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو هو، هن قدم ڀارت جي فوجي سرسي جي کوکلي دعويٰ کي وائکو ڪيو هو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جي حڪمراني جو نظام چڙڏياريندڙ بيان بازي جو سهارو وٺي انتهائي قومپرستي جي جذبي کي هوا ڏيندو آهي، چونڊن ۾ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي طرح جون ڳالهيون ڪري ناجائز فائدو ورتو ويندو آهي.
ممتاز زهرا بلوچ چيو ته اهڙي طرح جو غير ذميواراڻو ورتاءُ علاقائي امن کي نقصان پهچائي ٿو، پاڪستان هميشه خطي ۾ امن لاءِ پنهنجي عزم جو ثبوت ڏنو آهي، سندن امن جي خواهش کي غلط نه سمجهيو وڃي، تاريخ پاڪستان جي پختي عزم ۽ ڀرپور بچاءَ جي صلاحيت جي شاهد آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن هڪ برطانوي رسالي پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي 2020ع کان هنيئر تائين پاڪستان ۾ 20 شهرين کي قتل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.