واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو آهي ته اسرائيلي پاليسين ۾ تبديليون نه آيون ته آمريڪي پاليسي تبديل ٿي سگهي ٿي.
انٽوني بلنڪن بيان ۾ چيو ته غزا جي 100 سيڪڙو آبادي کي امداد جِي ضرورت آهي، امدادي ڪارڪن جانيون داءَ تي لڳائي امداد پهچائي رهيا آهن.
هن چيو ته غزا ۾ امداد جِي اجازت باوجود زميني صورتحال سٺي ناهي، غزا ۾ امداد جي صورتحال بهتر بڻائڻ لاءِ جنگبندي ضروري آهي.
سندس چوڻ هو ته امدادي ڪارڪنن تي حملو پهريون واقعو ناهي پر آخري ضرور ٿي سگهي ٿو..
اسرائيلي پاليسين ۾ تبديليون نه آيون ته آمريڪي پاليسي تبديل ٿي سگهي ٿي: انٽوني بلنڪن
You might also like