ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي 2 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڳجهي اطلاع تي اسلاميا ڪالوني ۽ اورنگي ٽائون ۾ ڪارروائي ڪئي وئي.
ڪارروائي دوران ڦرلٽ جي وارداتن ۾ ملوث نويد خان ۽ علي حسين عرف جاجو کي گرفتار ڪيو ويو .
رينجرز ترجمان موجب جوابدارن نويد خان ۽ علي حسين عرف جاجو 60 وڌيڪ موبائل فونز ۽ 4 لک کان وڌيڪ رقم ڦرڻ جو اعتراف ڪيو.
جوابدارن جا بفر زون ۾ اليڪٽرانڪس جي دڪان تي واردات جا سي سي ٽي وي فٽيجز وائرل ٿيا هئا
ترجمان موجب جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
You might also like