اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پوري قوم يهودي جارحيت ، ظلم ۽ جبر جي مذمت ڪري ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف جو عالمي يوم القدس ۽ جمعته الوداع جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو ته هٿئين خالي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا
هن چيو ته اسرائيل ستن ڏهاڪن کان فلسطين ۽ بيت المقدس تي غيرقانوني طور قابض آهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيلي ظلمن تي عالمي برادري خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي
هن چيو ته اسرائيل گذريل سال آڪٽوبر کان فلسطينين تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهيو آهي، اسپتالن، پناهگيرن جي ڪيمپن ۽ اسڪولن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻايو ويو.
وزيراعظم چيو ته سلامتي ڪائونسل جي فوري جنگبندي واري ٺهراءَ باوجود غزا ۾ بمباري جاري آهي، عالمي برادري ظلم ۽ ڏاڍ روڪڻ لاءِ اسرائيل تي دٻاءُ وجهي.